خان جي ضمانت واري درخواست رد، گرفتاري وارنٽ برقرار

خان جي ضمانت واري درخواست رد، گرفتاري وارنٽ برقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيلن اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ پاران جاري ڪيل ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان طرفان وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي.اسلام آباد جي عدالت عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ڪجهه دير کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال تحريڪ انصاف جي چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا.اسلام آباد جي عدالت ان ڪيس ۾ عمران خان کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هو عدالتي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو