ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو اجلاس توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ توانائي کاتي جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي آفيسرن توانائي واري وزير کي توانائي جي متبادل ذريعن ۽ ٿر ڪول تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو ته جيئن روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۽ پاڪستان ۾ معاشي صورتحال سبب عالمي توانائي بحران جي روشنيءَ ۾ ٿر ڪول تي انحصار ڪيو وڃي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ايندڙ پنجن سالن تائين درآمدي تيل تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.بريفنگ ۾ چيو ويو ته روس-يوڪرين تڪرار سبب اهو خدشو آهي ته پئسو ڏيڻ سان به تيل ۽ گئس حاصل نه ٿي سگهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ان صورتحال کان بچڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ توانائي جي متبادل ذريعن يعني شمسي ۽ هوا مان توانائي ۽ خاص طور تي ٿر جي ڪوئلي جي وڏي ذخيرن کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏا منصوبا جوڙيا پيا وڃن بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته امپورٽ ٿيل ايل اين جي جي قيمت 34 رپيا في ڪلو واٽ آهي، جڏهن ته امپورٽ ٿيل ڪوئلي جي قيمت 37 رپيا في ڪلو واٽ آهي ۽ مقامي ذخيرن مان ڪوئلي جي قيمت صرف 4 رپيا في ڪلوواٽ آهي، جيڪا توانائي جو سستو ۽ مفيد ذريعو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر ڪول جا ذخيرا پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن ۾ گيم چينجر آهن. هن چيو ته ڪوئلي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبن ۾ ماحولياتي عنصر کي اوليت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول مان توانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبن سان گڏوگڏ شفاف ۽ ماحول دوست توانائي منصوبن جهڙوڪ سولر انرجي ۽ ونڊ پاور جنريشن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.










