ترين گروپ جو ملڪي سياست ۾ ٻيهر فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باغي جهانگير ترين گروپ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۾ ٻيهر متحرڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ذريعن موجب جهانگير ترين گروپ سياسي حڪمت عملي لاءِ سندرو ٻڌي ورتو آهي ۽ جهانگير ترين جي سربراهي ۾ گروپ جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ٿيو آهي.اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض، عون چوڌري، نعمان لنگڙيال، اسحاق خاڪواني، اجمل چيما، ترين گروپ جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ نون چهرن به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن تحريڪ انصاف نظرياتي جي نالي سان سياسي سڃاڻپ ٺاهڻ جي تجويز ڏني، شرڪت ڪندڙن راءِ ڏني ته عمران خان جي پاليسين پارٽي کي تباهه ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ترين گروپ تحريڪ انصاف جي وڌيڪ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جهانگير ترين گروپ ملڪي سياسي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو