ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڌاٻيجي مان پاڻي جي فراهمي بحال

ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڌاٻيجي مان پاڻي جي فراهمي بحال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شهر کي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن مان 40 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي.شهر کي هن وقت معمول مطابق روزانو 650 ملين گيلن پاڻي ملي رهيو هو.مرمت جي ڪجهه ڏينهن جي ڪم جي ڪري ڪراچي کي 40 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.ترجمان اهو به چيو ته شهر کي سڀني پمپنگ اسٽيشنن تان پاڻي جي فراهمي بي ترتيب ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو