اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ٻيهر ڳڻپ بابت فيصلي جي خلاف نظر ثاني درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي ايم اين ايز جي بحالي جو فيصلو درست ناهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت خدشا آهن پي ٽي آءِ اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيوته پي ٽي آءِ جي خلاف سازشون ٿيون، پهريون پلان اهو هو ته ان کان چونڊ نشان وٺي ڇڏيو، هي نظريو ختم ٿي ويندو، پر الحمد الله 8 فيبروري تي عوام ان پلان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، هن چيوته پوءِ پي ٽي آءِ جي خلاف پلان بي تحت ڪوشش ڪئي وئي ته مخصوص سيٽون کيس نه ڏنيون وڃن، پر ان ۾ به کيس ناڪام ٿي، هاڻي ٻيهر ڳڻپ جي آڙ ۾اسان جون سيٽون اسان کان کسيون پيون وڃن ته ڪيئن اسان جي کٽيل سيٽن کي شڪست ۾ تبديل ڪيو وڃي، بئريسٽر گوهر چيوته لوڌران ۾ جنهن وقت نوٽِفڪيشن ٿيو ۽ ٻيهر ڳڻپ جو نوٽيس آيو ته هڪ ڏينهن اندر 4 ڪلاڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ جي ذريعي هڪ لک 34 مان گهٽائي هڪ لک 20 هزار ڪيا ويا، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي ايم اين ايز جي بحالي جو فيصلو درست ناهي، اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت تحفظات آهن، ان حوالي سان اسان جدوجهد جاري رکنداسين ۽ ان فيصلي جي خلاف نظر ثاني داخل ڪنداسين










