اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) 5 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، اسد قيصر ۽ شيخ وقاص اڪرم اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪيون.قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪالهوڪي اجلاس ۾ پارليامينٽريز طرفان آئنده جي لائحه عمل جي باري ۾ فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.عمر ايوب حڪومت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي اڳواڻ هوش کان ڪم وٺن ٻئي صورت ۾ ملڪ تباهه ٿي ويندو. هن رئوف حسن ۽ ٻين جي جسماني ريمانڊ جي سخت مذمت ڪندي سوال اٿاريو ته ايف آءِ اي کي جسماني ريمانڊ جي ڪهڙي ضرورت آهي.عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا سستا هئا ۽ اسان جو مقصد ملڪ ۾ سستي توانائي فراهم ڪرڻ هو. ساهيوال پلانٽ جي لاءِ درآمد ڪيل ڪوئلي جي ڪهڙي ضرورت هئي.قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ پنج پارٽين جي شموليت جو اعلان پڻ ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر الزام لڳايو آهي ته اسان جي ايم اين ايز کي وفاداري تبديل ڪرڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي ۽ اهي ڪارروايون سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪيون پيون وڃن.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي جي توهين ۾ سوموٽو ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، اسد قيصر چيوته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ملڪ کي انهي نتيجي تي کڻي آئي آهي جو هاڻ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو ملڪ نٿو هلي سگهي، اسان جماعت اسلامي جي احتجاج کي سپورٽ ڪريون ٿا. اسان جو مطالبو آهي ته آءِ پي پيز جي معاهدن کي ٻيهر ڏٺو وڃي. هن چيو ته ٻن مسئلن تي پوري ملڪ ۾ 5 آگسٽ تي جلسا ۽ مظاهرا ڪنداسين، پي ٽي آءِ باني کي پنج آگسٽ تي غيرقانوني طريقي سان گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ مهانگائي جي خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.اسد قيصر چيو ته ٽيڪسز سبب انڊسٽريون ختم ٿي ريون آهن ۽ غريب ماڻهو ايترا مهانگا بل ڪيئن ادا ڪندو. هن اهو به چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ۾ عدم استحڪام نه اچي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ ميز تي ويهاري حڪومت کي گهر اماڻڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. شيخ وقاص چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اينٽي ڪرپشن جو ادارو به فعال ٿي ويو آهي ۽ انهن به حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته ملڪ کي وڌيڪ تباهي طرف نه ڌڪيو وڃي.










