تائيوان ۾ 7.4 جي شدت جو زلزلو، 9 فوت 800 زخمي

تائيوان ۾ 7.4 جي شدت جو زلزلو، 9 فوت 800 زخمي

تائيوان (ويب ڊيسڪ)تائيوان ۾ 7.4 شدت جي زلزلي سڄي ٻيت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. 100 کان مٿي عمارتن کي نقصان پهتو آهي ۽ ريسڪيو ذريعن موجب هيستائين 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ 800 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. زلزلي کانپوءِ لڳاتار ساڍا پنج جي شدت جا آفٽر شاڪس به اچي رهيا آهن.تائيوان جي زلڪزلي کي مانيٽر ڪندڙ اداري جي دائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ”زلزلو زمين جي ويجهو آهي، اهو سڄي تائيوان ۽ آف شور ٻيٽن تي محسوس ڪيو ويو آهي، ”. ٻن ٽيڪٽونڪ پليٽس ويجهو واقع تائيوان ۾ سخت بلڊنگ رولز تي عمل سبب جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي. تائيوان سرڪار جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر 1999 ۾ 7.6 جي شدت جو زلزلو آيو هو جنهن ۾ 24 سئو ماڻهو مري ويا هئا. آمريڪي جيالوجيڪل سروي جو چون آهي ته زلزلي جو مرڪز Hualien City شهر کان 18 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ 34.8 ڪلوميٽر جي گهرائي ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو