ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي چيو آهي ته بي سهارا ماڻهون خاص ڪري بي سهارا عورتن جي مدد ڪرڻ وڏي نيڪي آهي ۽ جيڪي ادارا ۽ شخصيتون هن عظيم مقصد سان جڙيل آهن اهي ساراهه جا مستحق آهن. هن اها ڳالهه آغوش اداري جو دورو ڪندي چئي. اداري جي انتظاميه ميمبر سنڌ اسيمبلي شرميلا فاروقي کي غريب عورتن کي فراهم ڪيل سهولتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي شرميلا فاروقي اداري ۾ موجود عورتن کان سندن مسئلا پڻ پڇيا ۽ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ سندن تعريف ڪئي. شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ موجود بي سهارا ماڻهن جي مدد ۽ سار سنڀال لاءِ مخير حضرات پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان مقصد لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو ڀرپور ساٿ ڏين.










