لاهور(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف بدترين ڪارڪردگي باوجود پاڪستاني عوام قومي ٽيم مان اميدون نه هاريون. پاڪستاني عوام کي يقين آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ بيٽنگ يا بالنگ ۾ گرين شرٽس جو راج هوندو.ايپساس پاڪستان عوامي راءِ جي بنياد تي هڪ نئون سروي جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب بيٽنگ يا بالنگ ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس جو راج هوندو.سروي ۾ 42 سيڪڙو پاڪستانين کي بابر اعظم ۽ 37 سيڪڙو کي محمد رضوان کان ورلڊ ڪپ ۾ بهترين بيٽنگ ڪارڪردگيءَ جي اميد هئي.47 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال هو ته شاهين آفريدي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندو، 21 سيڪڙو شاداب خان، 18 سيڪڙو بابر اعظم فيلڊنگ ۾، جڏهن ته 65 سيڪڙو پاڪستانين کي محمد رضوان کان سٺي ڪارڪردگيءَ جي اميد هئي.










