بيٽسمين اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام رهيا، بنگلاديشي هيڊ ڪوچ

بيٽسمين اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام رهيا، بنگلاديشي هيڊ ڪوچ

دبئي (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ فلپ سمنز چيو آهي ته بيٽسمين اميدن تي پورو نه لهي سگهيا، مسلسل وڪيٽون وڃائي رهيا هئا.دبئي ۾ کيڏيل سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ بنگلاديش جي شڪست کان پوءِ، ٽيم جي هيڊ ڪوچ فلپ سمنز پريس ڪانفرنس ڪئي.هيڊ ڪوچ فلپ سمنز چيو ته بنگلاديش دبئي اسٽيڊيم جي پچ تي 169 رنسن جو هدف به حاصل ڪري ورتو آهي.هن چيو ته پاڪستاني بالر شاهين شاهه آفريدي ڇڪا هڻي وڏو اسڪور ڪيو، محمد نواز به وڏو اسڪور ڪيو، اسان جي بالرن رنز ڏنيون.فلپ سمنز وڌيڪ چيو ته نواز ۽ شاهين جي بيٽنگ ميچ جو رخ موڙي ڇڏيو، اهو ئي ٽرننگ پوائنٽ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو