ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري اڳواڻ محمد يونس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.بنگلاديش جي عبوري اڳواڻ محمد يونس چيو ته عبوري حڪومت استعيفيٰ ڏئي رهي آهي، ووٽرن ۽ سياسي پارٽين عام چونڊن ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي.هن اهو اعلان قوم کي خطاب دوران ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته حڪومت هاڻي استعيفيٰ ڏئي رهي آهي ۽ نئين چونڊيل حڪومت لاءِ رستو هموار ٿي ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته بنگلاديش ۾ جمهوري عمل، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حق جاري رهندا.هن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي شاندار ڪاميابي جي پڻ تعريف ڪئي ۽ پارٽي جي اڳواڻ طارق الرحمان کي مبارڪباد ڏني. محمد يونس چيو ته ووٽرن ۽ سياسي پارٽين چونڊن ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ جمهوري عمل کي مضبوط ڪندو.










