بنيادي سهولتون ڏيو، ڳوٺاڻن جو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

بنيادي سهولتون ڏيو، ڳوٺاڻن جو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)ڳوٺ جمال ڪيريو، ڳوهارون ڪيريو، ڳوٺ آدم ڪيريو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين کي بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻو هڻي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شامل ڳوٺاڻن جن ۾ محبوب الحسن ڪيريو غفور ڪيريو ۽ ٻين دانهيندي چيو آھي ته اسين ڳوٺ جمال ڪيريو هارون آدم ڪيريو يونين ڪائونسل ڊورو جانب تعلقه سانگهڙ جا قديمي رهاڪو آهيو اسان جي ڳوٺ فردن تي مشتمل آھي پر افسوس اسانجي قديمي ڳوٺ کي ايتري عرصي کان روڊ بجلي صاف پاڻي گئس بنيادي صحت مرڪز ۽ اسڪول جهڙي بنيادي سهولتون کان محروم رکيو ويو آھي جنهن لاء اسان وقتن به وقتن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه  کي التجائون ڪيون پر هت ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي. اسانجو ڳوٺ مُردن ۾ شمار آھي اسان جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم هنن وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۾ کوڙ ساريون اين جي اوز ڪم ڪن پيا پر انهن به اسان جي ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو آھي هنن ڊي سي سانگهڙ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڳوٺ ۾  سڀ کان پهرئين تعليم روڊ صاف پاڻي گئس ۽  اسڪول کولرائي ڏنو وڃي ته جئين اسان جا ٻار تعليم پرائي سگهن. مظاهرين سان ضلعي انتظاميه سان ڳالهيون ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو