بنون ۾ احتجاج، فائرنگ سبب ڀاڄ،4 فوت ڪيترائي زخمي

بنون (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ امن مارچ دوران اوچتو فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بنون ضلعي جي پريڊيگيٽ چوڪ تي امن جرڳا ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ عالمن، واپاري برادري، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. پريڊي گيٽ اسڪوائر جي ڀرسان، شرڪت ڪندڙ هاڪي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيا، مين گيٽ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ آسٽرو ٽرف پچ کي نقصان پهچايو. مقررن تقرير ڪندي بنون ۾ امن امان بحال ڪرڻ ۽ فوجي آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. بعد ۾ ريلي ۾ شريڪ اسپورٽس ڪامپليڪس ڏانهن وڌيا ته اوچتو فائرنگ سبب امن ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بنون جي ترجمان نعمان خان موجب گوليون لڳڻ سبب فوت ٿيل 4 ڄڻن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايا ويا.جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ چيو ته سفيد جهنڊا کڻي هزارين ماڻهو پر امن احتجاج ڪري رهيا هئا جن تي فوج گوليون هلايون، اسين ان رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو