بنا ڪنهن ايڊوانس جي مفت ۾ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيون پيا

بنا ڪنهن ايڊوانس جي مفت ۾ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيون پيا

حيدرآباد: (ن س) حڪومتِ سنڌ جي اهتمام هيٺ حيدرآباد ۾ شاگردياڻين ۽ ملازمت پيشه عورتن ۾ مفت پنڪ اسڪوٽيز ورھائڻ جي هڪ پروقار تقريب مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿي، جنهن دوران مجموعي طور 200 عورتن کي مفت پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز فراهم ڪيون ويون۔ ان موقعي تي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪندي پاڻ عورتن ۾ اسڪوٽيز ورهايون۔ تقريب ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي، ڊپٽي ميئر صغير قريشي، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي سليم الله اوڍو، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سميت ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتِ سنڌ حيدرآباد ۾ عورتن کي بنا معاوضي پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪري رهي آهي ۽ اها سهولت خاص طور شاگردياڻين، ملازمت پيشه ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل عورتن لاءِ آهي۔ هن چيو ته انهن اسڪوٽيز جي ورڇ ۾ ڪنهن به سياسي وابستگي، جماعت يا لساني سڃاڻپ کي نظر ۾ نه رکيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن کان ووٽ جي گهر ڪئي پئي وڃي، ڇو ته ووٽ ڏيڻ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي۔ هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ اهو واحد خطو آهي جتي عورتن کي هن قسم جي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي۔شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سوچ موجب عوامي ڀلائي جا وڏا منصوبا جاري آهن، جن ۾ 21 لک گهرن جي تعمير ۽ انهن جي مالڪي عورتن جي نالن منتقل ڪرڻ شامل آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ پڻ اهم اڳڀرائي ڪري رهي آهي، جتي سائبر نائف جهڙيون جديد ۽ مهانگيون سهولتون عوام کي مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، جيڪي دنيا جي چند ملڪن ۽ محدود اسپتالن ۾ موجود آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آٽزم لاءِ ڏهن کان وڌيڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ۽ وفاقي حڪومت پڻ ان حوالي سان سنڌ کان سهڪار طلب ڪيو آهي۔هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي قابلِ استعمال بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري چڪي آهي ۽ ماهرن موجب سستي ترين بجلي پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو ڪوئلو ئي آهي۔ هن چيو ته عوامي ۽ نجي شراڪتداري تحت شاهراهه ڀٽو جهڙا اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، جن کي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پڻ ساراهيو ويو آهي۔شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مالي سهائتا، گهرن جي مالڪي عورتن جي نالن منتقل ڪرڻ ۽ پنڪ بس سروس جو آغاز شامل آهي۔ هن چيو ته جڏهن پنڪ اسڪوٽي اسڪيم شروع ڪئي وئي ته سنڌ ۾ عورتن وٽ ڊرائيونگ لائسنس هجڻ جي شرح نه هجڻ جي برابر هئي پر اڄ هزارين عورتون لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي رهيون آهن، جيڪا هڪ مثبت سماجي تبديلي جي علامت آهي۔هن واضح ڪيو ته اهي اسڪوٽيز صرف عورتن جي استعمال لاءِ آهن، جيڪڏهن ڪو مرد انهن کي هلائيندي ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن چيو ته عورتن کي محفوظ ڊرائيونگ لاءِ هيلمٽ جو استعمال لازمي ڪرڻ گھرجي ۽ اهي اسڪوٽيز ستن سالن تائين وڪرو نٿيون ڪري سگهجن۔ سندس چوڻ هو ته حڪومت جو بنيادي مقصد عورتن کي بااختيار، محفوظ ۽ خودمختيار بڻائڻ آهي ته جيئن اهي سماج ۽ معيشت ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن۔ تقريب جي پڄاڻي تي ٻين مقررن ايم پي اي امداد پتافي، ايم پي اي صائمه آغا، اڳوڻي ايم پي اي زاهد ڀرڳڙي، ڊپٽي ميئر صغير قريشي ۽ وسيم راجپوت پڻ خطاب ڪيو ۽ حڪومتِ سنڌ جي هن قدم کي عورتن جي سماجي ۽ معاشي خودمختياري ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو۔

پهنجو تبصرو موڪليو