اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ مان منظور ڪيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 واپس موڪلڻ تي صدر عارف علوي تي تنقيد ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته صدر پاران پارليامينٽ مان منظور ڪيل بل واپس وٺڻ افسوسناڪ آهي. صدر پنهنجي عمل مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو پي ٽي آءِ جي ڪارڪن طور ڪم ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ملڪ جو صدر عمران نيازي آئيني ذميوارين کي نظرانداز ڪري رهيو آهي.










