اسلام آباد (بيورو)اليڪشن ڪميشن بلوچستان ۾ ضمني چونڊن جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، پولنگ 27 سيپٽمبر تي ٿيندي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب 4 ضلعن جي 11 يوسيز جي 65 وارڊن ۾ ضمني چونڊن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.صوبائي اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته ضمني چونڊن لاءِ 67 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن ۽ سمورن پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.بلوچستان جي 65 وارڊن ۾ پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيڻي هئي، جيڪا برسات ۽ ٻوڏ سبب ملتوي ڪئي وئي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر اهو به ٻڌايو آهي ته 65 وارڊن ۾ ڪل 34 هزار 715 ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪندا، جڏهن ته 223 اميدوار ميدان ۾ آهن.










