ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پئي، ۽ هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو.قلات، خضدار، پشين، قلعه عبدالله ۽ خاران ۾ ڪڪر ڇانيل آهن. ڪيچ، تربت، پنجگور، زيارت، چمن، قلعه سيف الله ۽ ڪڇي ۾ برسات جاري آهي. گوادر، آواران، پسني، اورماڙه، لسبيلا، حب ۽ بارکھان ۾ به برسات پئي.موسميات کاتي موجب، بلوچستان ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي. ان دوران، لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي ايم-11 ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو. موٽر وي پوليس شهرين کي ڪوهيڙي ۾ سفر نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي.










