بلوچستان ۾ بدامني : امن اڻلڀ ڇو آهي؟

بلوچستان ۾ بدامني : امن اڻلڀ ڇو آهي؟

ليکڪ : عابد حسين
اسلام آباد، پاڪستان – پاڪستان جي ڏکڻ اولهه سرحد سان پکڙيل، معدني وسيلن سان مالا مال صوبو بلوچستان ملڪ جو ايراضي جي حساب سان سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان غريب علائقو آهي، ۽ هتي پاڪستان جو سڀ کان ڊگهي عرصي کان هلندڙ ذيلي قومي تڪرار موجود رهيو آهي۔
بلوچستان ۽ پاڪستاني رياست وچ ۾ لاڳاپا تقريباً پاڪستان جي قيام (آگسٽ 1947ع) کان وٺي ئي بيچيني جو شڪار رهيا آهن، جيڪو برصغير جي ورهاڱي ۽ نوآبادي راڄ جي خاتمي کان پوءِ وجود ۾ آيو۔
بلوچستان 1948ع ۾ باضابطه طور پاڪستان جو حصو بڻجڻ کان پوءِ به تشدد ڏٺو آهي۔ جيتوڻيڪ ڏهاڪن دوران تڪرار ڪڏهن گهٽ ٿيو ته ڪڏهن وڌيو، پر تازن سالن ۾ اهو تيزي سان ٻيهر ڀڙڪي اُڀريو آهي، جنهن کي تجزيه نگار تقريباً بي مثال دور قرار ڏين ٿا۔
تازي ڇڪتاڻ 31 جنوري تي سامهون آئي، جڏهن آزادي چاهيندڙ ڌڙن صوبي جي لڳ ڀڳ ٻارهن شهرن ۾ گڏيل حملا ڪيا۔
بلوچ لبريشن آرمي (BLA) جي اڳواڻي ۾ ٿيل انهن حملن ۾ 30 کان وڌيڪ عام شهري ۽ گهٽ ۾ گهٽ 18 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مارجي ويا۔ انهن حملن کان پوءِ، ڪيترن ڪلاڪن تائين هلندڙ سرڪاري ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز دعويٰ ڪئي ته 150 کان وڌيڪ ويڙهاڪ ماريا ويا۔
هڪ ڏينهن پوءِ، صوبي جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ٽيليويزن انٽرويو ۾ چيو ته بلوچستان جي مسئلن جو حل سياسي ڳالهين بدران فوج وٽ آهي۔
پر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته تڪرار جون پاڙون — ۽ ڪجهه اهي سبب جيڪي ان کي زنده رکندا آهن — ڏکڻ ايشيا ۾ برطانوي راڄ جي آخري سالن ۽ پاڪستان جي آزادي کان اڳ واري غير يقيني سياسي جغرافيه ۾ لڪل آهن۔
پاڪستان سان الحاق ۽ بيچيني
ورهاڱي کان اڳ، بلوچستان هڪ واحد سياسي يونٽ نه هو۔ علائقي جا ڪجهه حصا سڌيءَ ريت انگريزن جي انتظام هيٺ “چيف ڪمشنر بلوچستان” طور هلندا هئا، جڏهن ته باقي حصا خانائتي رياستن جهڙوڪ قلات، مڪران، لس بيلا ۽ خاران تي مشتمل هئا، جيڪي نوآبادي حڪمراني بدران معاهدن ذريعي برطانوي تاج سان ڳنڍيل هئا۔
1947ع ۾، خانيتِ قلات فني طور آزاد هئي، جنهن جي حيثيت کي شروعاتي طور پاڪستان جي باني ۽ پهرين گورنر جنرل محمد علي جناح تسليم ڪيو هو۔
پر جيئن ئي بلوچستان جي سامونڊي پٽي جي حڪمت عملي جي اهميت واضح ٿي — جيڪا آبنائي هرمز ڏانهن دروازي جي حيثيت رکي ٿي — اهو موقف بدلجي ويو۔ قلات جي خان مير احمد يار خان 27 مارچ 1948ع تي پاڪستان سان الحاق تي رضامندي ظاهر ڪئي۔
هن جي ڀاءُ عبدالڪريم هن معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ٿورڙن ويڙهاڪن سان گڏ افغانستان هليو ويو، جنهن سان پهرين بلوچ بغاوت شروع ٿي۔ اها ڪجهه مهينن اندر سندس هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان ختم ٿي وئي۔ هي واقعو بلوچ قومپرستن ۾ “زبردستي الحاق” طور ڏٺو ويو ۽ مستقبل جي مزاحمت جي بنياد بڻيو۔
جلد ئي هڪ نمونو سامهون آيو: سياسي عمل کي خارج ڪرڻ واري وفاق جي پاليسي هٿياربند مزاحمت کي جنم ڏنو، پوءِ فوجي ردعمل آيو، ۽ پوءِ عارضي ۽ بيچين سڪون — جنهن کان پوءِ اهو چڪر وقت بوقت هر هر ورجائبو رهيو۔
بغاوتن جا چڪر
ٻئي وڏي بغاوت 1958ع ۾ شروع ٿي، جيڪا پاڪستان جي “ون يونٽ” اسڪيم سبب ٿي، جنهن مغربي پاڪستان ۾ صوبائي سڃاڻپون ختم ڪري هڪ ئي انتظامي يونٽ بڻايو۔
بلوچ اڳواڻن هن قدم کي خودمختياري ۽ سڃاڻپ جو خاتمو سمجهيو ۽ گرفتار ٿيل مير احمد يار خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو۔
نواب نوروز خان، جيڪو برطانوي راڄ خلاف وڙهندڙ هڪ تجربيڪار قبائلي اڳواڻ هو، هٿياربند بغاوت جي اڳواڻي ڪئي۔ (جنهن کي اسڪندر مرزا جي دور ۾ قرآن تي معافي ڏيڻ جو واعدو ڪري گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو) اها سندس گرفتاري ۽ فوجي مقدمي کان پوءِ ڪيترن ساٿين جي ڦاسي سان ختم ٿي۔ نوروز خان کي به موت جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا بعد ۾ عمر قيد ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ هو آخرڪار جيل ۾ وفات ڪري ويو۔
ٽيون مرحلو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ آيو، جيڪو صوبي ۾ فوجي راڄ جي مخالفت ۽ سياسي حقن جي مطالبن سبب هو — ان وقت پاڪستان ايوب خان جي فوجي حڪومت هيٺ هو — ۽ کاٻي ڌر جي خيالن کان متاثر هو۔ جيتوڻيڪ محدود هو، پر هن ان تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ته بلوچستان ۽ رياست جو لاڳاپو زور ذريعي هلندو رهيو آهي۔
سڀ کان شديد تڪرار 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اُڀريو۔
1973ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي (NAP) جي چونڊيل صوبائي حڪومت، جنهن جي اڳواڻي سردار عطاءُ الله مينگل ڪري رهيو هو، کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ صوبي جي وڏن حصن ۾ مڪمل بغاوت پکڙجي وئي۔
ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت NAP ۽ ان جي اڳواڻن تي الزام لڳايو ته هو لنڊن ۾ ويهي پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، پر اها سازش ڪڏهن به ثابت نه ٿي۔ ان جي باوجود، پارٽي جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا۔ هزارين بلوچ ويڙهاڪن لڳ ڀڳ 80 هزار پاڪستاني فوجين سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا۔
1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۽ بلوچ ويڙهاڪن کي عام معافي ڏيڻ سان جنگ ختم ٿي، پر بنيادي شڪايتون برقرار رهيون۔
ٽپنگ پوائنٽ
ان کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ سڪون رهيو، پر ناراضگي ختم نه ٿي۔ نقادن رياست تي الزام لڳايو ته هو گيس جهڙن قدرتي وسيلن جو استحصال ڪري رهي آهي، جڏهن ته مقامي آبادي محروم رهي ٿي۔
ڪجهه واقعن، جن کي بلوچ ڌڙن رياست جي سخت هٿن واري پاليسي قرار ڏنو، پنجين ۽ موجوده بغاوت کي جنم ڏنو، جيڪا 2000ع جي شروعات ۾ شروع ٿي۔
2005ع ۾ شازيه خالد نالي ڊاڪٽر سان مبينا ريپ — جيڪو هڪ سرڪاري گيس ڪمپني ۾ ڪم ڪندي هئي — هڪ وڏي چنگاري بڻي، جنهن جو الزام هڪ فوجي ڪپتان تي لڳايو ويو۔ ان وقت ملڪ جنرل پرويز مشرف جي حڪمراني هيٺ هو۔
ان واقعي خلاف وڏا احتجاج ٿيا، جن تي جاني طاقت استعمال ڪئي وئي، ۽ آگسٽ 2006ع ۾ نواب اڪبر بگٽي جي فوجي آپريشن ۾ قتل سان تڪرار مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي ويو۔
بگٽي جي موت کيس بلوچ مزاحمت جي طاقتور علامت بڻائي ڇڏيو، جنهن سان غصي ۽ بغاوت ۾ اضافو ٿيو ۽ ڪيترن بلوچن ۾ اهو يقين مضبوط ٿيو ته آزادي ئي واحد رستو آهي۔
تازن سالن ۾ احتجاجن جي اڳواڻي وڌيڪ نوجوان، وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ بلوچ ڪري رهيا آهن، جن ۾ عورتن جو ڪردار به نمايان آهي۔ رياست جو ردعمل وڏي سيڪيورٽي موجودگي ۽ اهڙين حڪمت عملين تي مشتمل رهيو آهي، جن تي انساني حقن جا ادارا تنقيد ڪن ٿا۔
ڪارڪنن جو الزام آهي ته حڪومت هزارين بلوچ ماڻهن کي قتل يا زبردستي گم ڪيو، جن مان ڪيترائي بعد ۾ تشدد جا نشان کڻي مئل حالت ۾ مليا۔ (ڪجهه بلوچ سياسي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلوچستان کي منڍ کان وٺي سياسي عمل کان پري رکيو ويو، وفاقي ۽ فوجي ملازمتن ۾ مناسب حصو نه مليو، تعليم صحت ۽ ٻين سهولتن کان محروم رکيو ويو، سوئي مان 1955 ۾ گيس نڪتي پر ڪوئٽا کي 1985 ۽ حب کي 1990 ۾ گيس ملي پر ان گيس جي پائيپ لائين پنجاب ۽ اسلام آباد تائين اڳ ۾ پهچائي وئي.)
حڪومت انهن الزامن کي رد ڪندي چوي ٿي ته گهڻا لاپتا ماڻهو باغي گروهن ۾ شامل ٿي ويا آهن، يا جبلن ۾، يا ايران ۽ افغانستان ۾ آهن۔
موجوده بغاوت
هاڻوڪي بغاوت پاڪستان جي سياسي معيشت ۾ وڏين تبديليءَ سان گڏ هلي رهي آهي۔ قدرتي گيس جي وڏي پيماني تي ڪڍت، گوادر جهڙن گهري سمنڊ وارن بندرن جا منصوبا، معدنيات جي کوٽائي، ۽ 62 ارب ڊالرن جي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) بلوچستان کي حڪمت عملي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي۔
ڪيترن بلوچ ڌڙن لاءِ اهي منصوبا فائدي کانسواءِ وسيلن جي ڪڍت جي علامت آهن، جن سان مقامي آبادي وڌيڪ حاشيي تي وڃي ٿي۔
BLA ۽ بلوچ لبريشن فرنٽ جهڙا هٿياربند گروهه پنهنجي جدوجهد کي نوآبادي دور جي استحصال خلاف ۽ “قومي آزادي” لاءِ مزاحمت قرار ڏين ٿا۔
پاڪستاني حڪومت پاڙيسري ملڪ ڀارت تي الزام لڳايو آهي ته هو علائقي ۾ ڌار ڌار ڌڙن جي مدد ڪري ٿو۔ 2016ع ۾ ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري کان پوءِ اهي الزام وڌيڪ سامهون آيا، جنهن کي اسلام آباد ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي RAW جو ايجنٽ قرار ڏنو۔ ڀارت انهن الزامن کي رد ڪري ٿو۔
حل جي ڳولا
2010ع واري ڏهاڪي ۾ وڌيڪ منظم بلوچ هٿياربند گروهه سامهون آيا، جن چيني شهرين ۽ منصوبن کي نشانو بڻايو۔ گوادر بندرگاهه، شهر جي هڪ عاليشان هوٽل، ڪراچي ۾ چيني قونصل خانو ۽ چيني ثقافتي مرڪز سميت ڪيترن هنڌن تي حملا ٿيا۔
تشدد وڌڻ سان گڏ حڪومت معدني وسيلن جي ڪڍت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي۔ چين سينڊڪ ۾ وڏي ٽامي جي کاڻ هلائي ٿو، جڏهن ته ريڪو ڊڪ منصوبو — جيڪو دنيا جي وڏن اڻ ترقي يافته ٽامي ۽ سون جي ذخيرن مان هڪ آهي — پڻ تياري هيٺ آهي۔
سنگاپور جي ايس راجارتنم اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز سان لاڳاپيل محقق عبدالباسط جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وسيع جغرافيه، جيڪا پاڪستان جي ڪل ايراضيءَ جو 44 سيڪڙو آهي ۽ ايران ۽ افغانستان سان سرحدون رکي ٿو، بغاوت کان به وڏو چئلينج آهي۔ سخت، خشڪ ۽ جبلن واري زمين، گهٽ آبادي، ۽ ملڪ جي ڪل آباديءَ جو صرف 6 سيڪڙو هجڻ سبب، باغي گروهه جبلن کي پناهه گاهن طور استعمال ڪن ٿا۔
ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته پاڪستان کي فوجي حل بدران سياسي رستو اختيار ڪرڻو پوندو۔ بلوچستان تي تڪرار جي محقق امتياز بلوچ جو چوڻ آهي ته بغاوت کي امن آڻڻ بدران انا سان سنڀاليو ويو آهي۔ برلن ۾ رهندڙ ماهر ساحر بلوچ جو چوڻ آهي ته سياسي مسئلو زور ذريعي حل نٿو ٿي سگهي۔
آخر ۾، سياسي تجزيه نگار رفيع الله ڪاڪڙ جو خيال آهي ته پاڪستان کي پنهنجي پاليسي بنيادي طور تبديل ڪرڻي پوندي، اعتمادسازي، سياسي ڳالهين، زبردستي گمشدگين جي حل، شفاف نمائندگي ۽ “سچ ۽ مفاهمت ڪميشن” جي قيام سان ئي بلوچستان جي پراڻين شڪايتن جو حل ممڪن آهي۔ (هي خبر الجزيره تي شايع ٿي ۽ سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. ( ) ۾ لکيل مواد سنڌيار جو اضافو آهي. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو