بلوچستان ۾ ايف سي ڪمپائونڊ ۾ ڪليئرنس آپريشن مڪمل

بلوچستان ۾ ايف سي ڪمپائونڊ ۾ ڪليئرنس آپريشن مڪمل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ ايف سي جو ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب حملي ۾ ڪمپائونڊ ۾ موجود 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ شهري سميت 7 جوان شهيد ۽ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.دهشتگردن جي شروعاتي حملي کي پسپا ڪرڻ کانپوءِ 12 مئي جي شام تي ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪمپليڪس ڪليئرنس آپريشن ۾ يرغمالين کي محفوظ بڻائڻ شامل آهي، دهشتگردن پنهنجي خوفناڪ حملي ۾ ٻارن کي به نه بخشيو.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جا لاڳاپا ڳولڻ لاءِ ضروري انٽيليجنس فالو اپ جاري آهي، دهشتگردن جا سهولتڪار ۽ اسپانسر گرفتار ڪيا ويندا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو