بلوچستان کي پاڻي فراهمي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جو عزم

بلوچستان کي پاڻي فراهمي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جو عزم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي بلوچستان جي چئن ميمبرن جي اعليٰ سطحي وفد سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل آبي سهڪار ۽ پٽ فيڊر ڪينال ذريعي بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شورو هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر مير نادر مگسي پڻ شريڪ هئا. بلوچستان جي وفد ۾ صوبائي وزير سليم کوسو، مير صادق عمراڻي، فيصل جمالي، محمد خان لهڙي ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري شامل هئا. اجلاس ۾ چيف انجنيئر رائيٽ بئنڪ مختيار ابڙو، سکر ۽ گڊو بئراجن جي چيف انجنيئرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بلوچستان کي پيش ايندڙ پاڻي جي کوٽ، پٽ فيڊر ڪينال ذريعي پاڻي جي فراهمي ۽ آبي معاهدي تي اثرائتي عملدرآمد جي مختلف پهلوئن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته آبي معاهدي موجب بلوچستان کي پٽ فيڊر ڪينال ذريعي پاڻي جي فراهمي هر حال ۾ يقيني بڻائي وڃي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو بلوچستان جي وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت آبي معاهدي تحت بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي ۽ ٻنهي صوبن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي اها به هدايت ڪئي ته پوري سنڌ ۾ قائم سمورن غيرقانوني واٽر ڪورسز خلاف بنا ڪنهن امتياز جي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو