بلوچستان، هٿاربندن پي سي بي جي امپائر کان ڪار ڦري ورتي

بلوچستان، هٿاربندن پي سي بي جي امپائر کان ڪار ڦري ورتي

خضدار (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي قومي شاهراهه تي سهراب ۽ خضدار جي وچ ۾ لاڪورين واري هنڌ هڪ درجن کان وڌيڪ هٿياربندن پي سي بي جي فرسٽ ڪلاس امپائر اسلم برچ کان سندس قيمتي ڪار ڦري ورتي. ايمپائر اسلم برچ، خالد محمود، حميد خان، محمد رحيم ۽ هدايت الله ڪراچي ۾ ريفريشر ڪورس لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين گن پوائنٽ تي يرغمال بڻايو ويو. جوابدارن سامان واپس ڪري ڇڏيو پر هاڻي گاڏي واپسي لاءِ فون ڪري 8 لک رپيا ڀنگ گهري رهيا آهن. سهراب ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پي سي بي امپائرن کي ڪراچي گهرائي واپسي لاءِ جهاز جا ٽڪيٽ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو