ماشڪيل (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ واشڪ جي علائقي ماشڪيل ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب، هٿياربندن دڪان تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ مارجي ويل پنجئي ڄڻا صوبي کان ٻاهر جا رهواسي هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ضروري ڪارروائي کانپوءِ مقتولن جا مڙھ (لاش) سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، بلوچستان جي وڏي وزير جي خاص معاون شاهد رند چيو آهي ته ماشڪيل ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جو واقعو انتهائي قابلِ مذمت آهي. هن چيو ته حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث عنصر قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا، ۽ حڪومت متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.










