دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ بلدياتي اليڪشن جي ورڪ دوُران سوين شھرين ووٽ لاء آيل اميدوارن آڏو مسئلن جا دفتر کولي ڇڏيا،!! وارڊ ھڪ جي رھواسين طرفان مسلسل ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ خلاف سخت احتجاج، ايندڙ اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي اھل اميدوارن کي ووٽ ڏينداسين، (عوام) رپورٽ موجب دڙو شھر جي مختلف وارڊن جي رھندڙ سوين شھرين ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ سميت کين مسلسل نظر انداز ڪرڻ خلاف اليڪشني ورڪ تي ايندڙ اميدوارن سامھون سراپا احتجاج بنجي ويا آھن، دڙو شھر جي وارڊ پھرئين جي رھندڙ نظر خاصخيلي، حاجي دودو سومرو، عبدالرُوف پليجو، خالد سومرو، گلزار ڀنڀرو، نظير عباسي، بابو سولنگي، بالاج مھيشوري، يار محمد ماڇي سميت ميمڻ، سومرا، ملاح، ڪولھي، ھولاڻي، جانوري ۽ ٻين برادرين جي سوين ماڻھن طرفان کين مسلسل نظر انداز ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھنن چيو تہ ٽائون ڪميٽي دڙو جي نندڻڪي بڻيل وارڊ پھرئين ۾ 10 سالن دوران ڪوبہ ترقياتي ڪم نہ ٿيو آھي، دڙو شھر جو ميمڻ، سومرا، عباسي محلو ۽ ھولاڻي، مھيشوري، ماڇي، خاصخيلي پاڙي سميت ٽيليفون آفيس وارا علائقا گند ڪچري جي ڍيرن ۾ تبديل آھن، گٽر اٿليل ۽ گلين ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي، جڏھن تہ ھتان جا شھري واٽرسپلائي جي پاڻي، بجلي سميت ھر بنيادي سھولت کان محروم بڻيل آھن، ھنن چيو تہ مسلسل اقتدار ۾ رھندڙ اسٽيڪ ھولڊر ڌرين ھن وارڊ کي ڪڏھن بہ پنھنجو ناھي سمجھو، ۽ ھاڻي ووٽ ڪھڙي اميد سان وٺڻ اچڻ ٿا، ھنن وڌيڪ چيو تہ ووٽ وٺڻ لاء ايندڙ اليڪشني اميدوارن کي ھنن گٽرن مان لنگھي اچي ھتان جي عوام کي جواب ڏيڻون پوندو، ٻئي صورت ۾ ھتان جو عوام پنھنجي مستقبل جو فيصلو ووٽ جي صورت ۾ ڪندو.










