بلاول ۽ مريم هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪن پيا پر  ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن

بلاول ۽ مريم هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪن پيا پر ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ بلاول ۽ مريم نواز هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪري رهيا آهن، اهي ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن، هاڻ اهي پاڻ ٻڌائي رهيا آهن.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلاول پاڻ ٻڌائي رهيو آهي ته مسلم ليگ(ن) صرف 17 سيٽون کٽيون آهن. ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون 7 سيٽون پيپلز پارٽي کي ڪيئن مليون آهن؟ ايم ڪيو ايم هڪ به پولنگ اسٽيشن ناهي کٽي، پر ان باوجود 15 سيٽون انهن کي ڏنيون ويون، بلاول ڀٽو پنهنجو فارم 45 آڻي، سڀني کي خبر پئجي ويندي، ڪراچي ۾ بلاول وڏيره شاهي جو سسٽم ٺاهي رکيو آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايف بي آر ٽيڪس جو حدف پورو نٿو ڪري، عوام جو رت چوسيو پيو وڃي. ليوي مد ۾ عام پاڪستاني کان ساڍا 8 هزار ارب وصول ڪيا ويا آهن، ننڍيون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙن کان ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. ڊيزل جي قيمت وڌڻ سان هاري پريشان ٿيندا آهن، پيٽروليم جي قيمتن جو زندگي جي هر شعبي اتي اثر پوندو آهي.هن چيو ته بيورو ڪريسي سميت سمورا وڏا آفيسر قرباني ڏين، عوام کي رليف ڏين، اسيمبلي ميمبر پنهنجون پگهارون وڌائڻ جي لاءِ متحد ٿيندا آهن، انهن سياستدانن وٽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته 7 آگسٽ تي پرامن سياسي مزاحمت جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، ڪراچي کان خيبر تائين روڊن تي عوام نظر ايندي، حڪومت پرامن سياسي جدوجهد کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو