بلاول ۽ فضل الرحمان جي ملاقات، عيد کانپوءِ مشاورت تي اتفاق

بلاول ۽ فضل الرحمان جي ملاقات، عيد کانپوءِ مشاورت تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن موجب پ پ ۽ پ پ قيادت وچ ۾ ملاقات ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي ۽ سياسي ڳالهين لاءِ وڌيڪ مشاورت تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عيدالفطر کانپوءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڏايو ويندو جنهن ۾ ڳالهين بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ کي ڳالهين ذريعي بحران مان ڪڍڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو.واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي ڳوٺ ڊيره اسماعيل خان پهتو ته کيس پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ راضي ڪري.ذريعن موجب گذريل ڏينهن حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ فضل الرحمان پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي سخت مخالفت ڪئي، جڏهن ته اڪثر اتحادين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين جي تجويز کي بهتر قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو