اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ورغلائي غلط بياني ڪرائي پئي وڃي. کيس چوندس ته اوهان کي غلط معلومات ڏني وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڄي ڏينهن ۾ ٽي واقعا ٿيا آهن، چوڌري لطيف اڪبر پنهنجي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ويو، سادات فيملي سان چوڌري لطيف اڪبر جو تڪرار آهي، ڪنهن مڪو هنيو هجي، فائر ٿيو هجي، اسان ذميوار آهيون، پر معمولي منهن ماري کي هنن چوڌري لطيف اڪبر تي حملو بڻائي ڇڏيو.هن چيو ته کاوڙا ۾ ايم اين اي صلاح الدين جونيجو سان گڏ سنڌ جي پوليس هئي، صلاح الدين جونيجو پولنگ اسٽيشن جي اندر داخل ٿيو، هو جڏهن ٽئين پولنگ اسٽيشن ۾ ويو ته سندس گن مين فائر ڪيو، مبينا طور تي ٻين ماڻهن جي طرفان به فائر ڪيو ويو. چيو پيو وڃي ته ايم اين اي کي گولي لڳي، پر ان جي تصديق ناهي ٿي، بلاول ڀٽو کيس گهرائي پڇي ته ايم اين اي اتي ڇا ڪرڻ ويو هو؟ اوهان جو ايم اين اي پولنگ اسٽيشن ويو، ان جو اوهان وٽ ڪهڙو جواب آهي؟مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اهو به چيو ته ٽيون واقعو ايل اي 31 ۾ ٿيو. رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته هڪ جمهوري پارٽي ساڍي 10 وڳي کان ئي چوڻ شروع ڪري ڏنو ته ڌانڌلي ٿي رهي آهي، آزاد ڪشمير جي عوام ڀرپور انداز ۾ ووٽنگ جي عمل ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن پاران ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا.










