بلاول وزيراعظم بڻجي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندو: شيخ

بلاول وزيراعظم بڻجي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندو: شيخ

شڪارپور (ن س )پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امتياز شيخ چيو آهي ته انشاءَ الله بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي ڇڏيندو. شڪارپور ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي امتياز شيخ چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙن کي 8 فيبروري تي عوامي طاقت حيران ڪري ڇڏيندو.هن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي اسان جا مخالف پنهنجي شڪست ڏسي رهيا آهن.امتياز شيخ جو اهو به چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت ۽ عوام جي ڳالهه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو