ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ميمبر سيد ابرار شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي پي پي تعلقي محراب پور جي صدر سيد عاقل شاهه ۽ سيد مصطفيٰ شاهه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي محراب پور ۾ عوامي مسئلن جي حل بابت بريفنگ ڏني وئي،ھوڏانھن ٻئي ملاقات سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي جنھن ۾ ايوان جي ڪارروائي ۽ قانون سازي جي عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مشهور خبرون










