بشريٰ راڄپر سان انصاف ڪريو، احتجاج

بشريٰ راڄپر سان انصاف ڪريو، احتجاج

شيخ ڀرڪيو(ن سنڌيار)ملير ۾ استاد جي نياڻي سان ٿيندڙ زيادتي خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن   احتجاجي مظاهرو ڪيو. نياڻي  بشرا راڄپر سان زيادتي ڪرڻ واري واقعي خلاف شيخ ڀرڪيو ۾  ايس ٽي پي جي  ڪارڪنن جو بابو اورنگزيب شيخ  حاڪم خاصخيلي احسان شيخ هاشم قمبراڻي امجد ٽنگڙي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ هڪ سنڌي استاد سليمان راڄپر جي نياڻي بشرا راڄپر سان زيادتي انتهائي ڪريل ۽ شرمناڪ حرڪت آھي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آھي واقعي کي هفتو گذري چڪو آھي پر اڃا تائين واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيا آھن  جيڪا سنڌ سرڪار جي ناهلي آهي هنن چيو ته سنڌ جي اندر اهڙين شرمناڪ واقعن ۾,اضافو ٿي رهيو آهي پر جو ڪنهن به واقعي جا اصل جوابدار گرفتار ٿي نه سگهياآهن جيڪو افسوس جوڳو عمل آھي.هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ وزير اعلي سنڌ صوبائي وزير تعليم ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پرائمري استاد سليمان راڄپر جي نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو