بشرا ۽ نجم ثاقب آڊيو ليڪ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل

بشرا ۽ نجم ثاقب آڊيو ليڪ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بشرا بي بي ۽ نجم الثاقب جي مبينا آڊيو بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 25 جون جو عدالتي حڪم معطل ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻئي حڪم تائين وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عدالتي ڪارروائي کي حتمي ناھي،هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 جي حد کان تجاوز اختيار ڪيو،سپريم ڪورٽ جي 2 فيصلن ۾ اصول موجود آهي، هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي سگھي،حڪم نامي موجب عدالت کي ٻڌايو ويو ته 31 مئي تي هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻي ۾ 5 سوالن ڪيا ويا جيڪي درخواست گذارن جو ڪيس نھ ھو .عدالت کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ڪورٽ جاچ نٿي ڪري سگهي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 29 مئي جي حڪم تي اختيارين کي فون ٽيپنگ کان روڪيو ويو هو. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انٽيليجنس ايجنسيون ڪائونٽر انٽيليجنس ڪارروائي نه ڪري سگهيون آهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آءِ ايس آءِ، آءِ بي کي فون ٽيپنگ ۽ سي ڊي آر به روڪي وئي ،سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 29 مئي 2024 جي حڪم جو جائزو ورتو ويو. هن حڪم کي وڌيڪ عدالتي ڪارروائي تائين نه وڌايو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آرڊر ۾ واڌ نه ڪئي ان ڪري آرڊر معطل نه ڪري رهيا آهيون.جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ اهو طئي ڪيو آهي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جواب ڏنو ته اڃا تائين طئي ناهي ٿيو، جاچ جاري آهي.جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ ڪو به سچ تائين پهچڻ نٿو چاهي، سچ معلوم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي هئي، سپريم ڪورٽ ان کي روڪيو هو، جڏهن ته پارليامينٽ سچ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪڏهن پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو ته عدالت ۾ سچ ڪيئن سامهون ايندو؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته جن جي آڊيو ليڪ ٿيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ڇا ان طرف به غور ڪيو ويو آهي؟ اڄڪلهه، هر موبائيل ۾ رڪارڊنگ سسٽم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو