ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڊائو اسپتال ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت سيمينار، ماهرن جو چوڻ آهي ته بريسٽ ڪينسر سبب دنيا ۾ هڪ منٽ بعد عورت موت جو شڪار ٿئي ٿي 2040ع تائين بريسٽ ڪينسر جي مرض جي شرح ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا وڌيڪ وڌي ويندي ايشيا جي آبادي ۾ بريسٽ ڪينسر جي ڪراچي ۾ شرح وڌيڪ آهي ڇاتي ڪينسر جو سڀ پهريان معائنو عورت کي پاڻ ڪرڻ گهرجي:ماهر ڊاڪٽرن جو سيمينار کي خطاب خبر موجب ڪراچي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ هر منٽ بعد هڪ عورت فوت ٿئي پئي جڏهن ته پاڪستان ۾ هر اٺين عورت هن موذي مرض ۾ مبتلا آهي جنهن خلاف آگاهي مهم ذريعي ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي ماهرن جو چوڻ هو ته ايشيا ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي شرح ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ڇاتي ڪينسر دنيا جي ۾ ٻيو نمبر وڏي ڪينسر آهي جنهن ۾ مريض مري وڃي ٿو ابتدائي طور تي خبر پوڻ شرط علاج ممڪن آهي سيمينار کي مهمان خصوصي ڊائو يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر نصرت شاهه، ڊائو ڪاليج پرنسپل صبا سهيل، اڳوئي ايم ايس سول اسپتال ڪراچي ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر فرحت جليل، ڊاڪٽر اميمه سليم، ڊاڪٽر صائمہ خطاب ڪندي چيو ته آڪٽوبر ڇاتي جي ڪينسر خلاف جنگ جو مهينو آهي ان جو سڀ کان وڏو هٿيار جاڳرتا آهي جنهن وسيلي اسين اها جنگ کٽي سگهون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته ڇاتي اندر ڪنهن به مشوڪ تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي اسڪريننگ ڪرائي وڃي هنن چيو ته ڪورونا جي دنيا ۾ 45 لک ماڻهن جي جان کسي ورتي پر ڪينسر هڪ سال ۾ 10 لک ماڻهن کي موت جي ور چاڙهيو اسان جي خطي ۾ موت جو ٽيون وڏو سبب آهي جڏهن ته اسان وٽ امراض دل کان پوءِ ٻي وڏي وجهه انفيڪشن ڊزيز آهن جنهن تيزي سان ڇاتي جي ڪينسر وڌي رهي آهي اها 2040ع تائين ٽيڻ تائين وڌي ويندي اسان وٽ هڪ لک مان 34 ماڻهو ڇاتي ڪينسر ۾ مبتلا آهن هنن چيو ته عورتون 12 مهينن تائين ٻارن کي کير پياري 4 سيڪڙو خطرو ختم ڪري سگهي ٿي جڏهن ته خوراڪ ۾ سبزيون ۽ ميوا استعمال ڪرڻ گهرجن ۽ پنڌ ڪرڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي هنن وڌيڪ چيو ته 45 سال واري عورت کي سال ۾ هڪ دفعو ڇاتي جو معائنو ضرور ڪرائڻ گهرجي.










