خانپور (عتيق ابڙو) نادرا چوڪ تي پلاٽ جي مالڪي تان بروھي برادري جي بن ڌرين عبدالقدوس بروھي ۽ عثمان بروھي ۾ مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو آھي. ھڪ ٻي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو جنھن سبب عبدالقدوس بروھي جي ڌر جو ھڪ ڄڻو محمد اشرف بروھي قتل ٿي ويو جڏھن ته ھڪ ئي ڌر جا ماڻھو عبدالقدوس عبداللطيف زاھد حسين محمد يونس عبدالله بروھي عبدالرحيم غلام مصطفي بروھي زخمي ٿي پيا ،قتل ٿي ويل جو لاش ۽ زخمي خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا ،زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان موقعي تي قتل ٿي ويل اشرف بروھي جي ڀاء عبدالقدوس بروھي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳائيندي چيو ته اسين حاجي خواستي جا واسي آھيون ۽ اسان جو خانپور شھر ۾ نادرا آفيس آڏو پلاٽ پيل آھي جنھن تي اسان جي ڳوٺ واسي عثمان بروھي پنھنجي پٽن سميت اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪري دوڪان ٺاھي رھيو ھو منع ڪرڻ تي اسان تي حملو ڪري ڏنو جنھن ۾ منھنجي ڀاء کي بي درديءَ سان قتل جڏھن ته ست ڄڻن کي زخمي ڪري ويا آھن جيڪو اسان سان ظلم آھي. ٻئي پاسي خانپور پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته بروھي برادري جو پلاٽ جي مامري تي جھيڙو ٿيو آهي جنھن ۾ ھڪ ڌر جو قتل ۽ ڪجھ زخمي ٿيا آھن پوليس ڪجھ ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي.










