برطانيا جي شهر بريڊفورڊ مان ٻه پاڪستاني ڀينرون گم

برطانيا جي شهر بريڊفورڊ مان ٻه پاڪستاني ڀينرون گم

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانيا جي علائقي بريڊفورڊ مان پاڪستاني ڄايون ٻه ڀينرون گم ٿي ويون آهن.ويسٽ يارڪشائر پوليس موجب گم ٿيل 13 ورهين جي اميره محمود ۽ سندس ڀيڻ 15 ورهين جي حارثه محمود جي ڳولا جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گم ٿيل 15 ورهين جي هاريشا محمود کي آخري ڀيرو پنهنجي ننڍي ڀيڻ ايلرٽن، بريڊفورڊ ۾ ڏٺو ويو هو، جنهن کي ڳاڙهي نيري جينز، اڇي شرٽ ۽ ڪاري جيڪٽ پهريل هئي.ويسٽ يارڪشائر پوليس موجب 13 سالن جي اميره محمود کي آخري ڀيرو بريڊفورڊ ۾ لوئر گرينيج ڪميونٽي سينٽر جي ٻاهران پنهنجي ڀيڻ سان ڏٺو ويو هو، هن کي اسڪول جي ڪارو پتلون، اڇي قميص ۽ نيري ڪوٽ پهريل هئي.پوليس عوام کي اپيل ڪئي ته ٻنهي ڀينرن بابت ڪنهن کي به ڄاڻ هجي ته فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو