نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز سميت آس پاس جي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين سميت شهرين شرڪت ڪئي احتجاج جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ يونس راڄپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، ايس يو پي جي خادم سيال، مهر وسطڙو، آبادگار اڳواڻ قاسم اسراڻ، جي يو آءِ جي قاري اشرف ڀرٽ، جامي امجد تڳر، ثناءُ اللّٰه ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ايم پي ايز، ايم اينز هٿ سان عوام کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي سڄي ميونسپل شهر ۽ لاڳاپل ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن جنهن سبب هزارين ماڻهو مري سگهن ٿا ڇو جو گهر ٻڏل هجڻ ڪري ماڻھو اڪثر يمارين جو شڪار ٿيندا ۽ گهر ٻڏل ۽ متاثر کليل آسمان هيٺ هجڻ ڪري سج جي تپش گرمي سبب پاڻي ۽ مٺي جي نڪرندڙ باه سبب بخار دست الٽي ۽ ڊائريا جو شڪار ٿي رهيا آھن جڏهن ته شهر جي سنڌ ڪالوني، ھيٺائي چوڪ، سيال محلا، پير نول گهوٺ محلا، پريم نگر، رياض ڪالوني، گل ٽائون، جي ايم لنڊ ڪالوني، فوڊ گدام، ڪڪا شاه محلا، چنه محلا، سليم پور، ٺاروشاه اسٽاپ، ميمڻ محلا، خليفه محلا، سوچي محلا، اللّه وارو چوڪ، مٺياڻي روڊ ٻڏل هجڻ سان گڏ شھر مان گذرندڙ سرحل مائينر سبب اوور ٽاپ هجڻ سان گڏ شرارتين واٽر ڪورس کولڻ سبب مهراڻ ٽائون، ڊاڪٽر اياز ڪالوني، جدا ٽائون،فش مارڪيٽ ۽ شهر جا ٻاهريان علائقا ۽ سرڪاري ادارا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن جڏهن ته انتظاميا چونڊيل نمائندن جي درن جا چڪر ڪاٽڻ ۾ مشغول آھي جڏهن ته شھر جي مختلف پاڙن مال جا وارا ۽ چوپايو مال روڊن تي ٻڌجن سبب شهري زندگي مفلوج ٿي وئي آھي جڏهن ته ڪتا گڏه ۽ رول جانور روڊن تي اچڻ سبب حادثا ٿيڻ ۽ روڊ رستا رڪجڻ معمول بڻجي ويو آھي ٽريفڪ جي ازدهام ۽ سبزي منڊي جي واپارين جو روڊ تي اچي وڄڻ به شھرين جي لاءِ مسئلو آھي شھر جو ڀڳل گهٽيون روڊ رستا چوڪ چوراها کڏا گجڻ ۽ وڏو پاڻي هجڻ ڪري موٽر سائيڪلين جا حادثا معمول بڻيل آھن شھرين پاران چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي ڪور ڪمانڊر کان مدد اپيل ڪئي آھي










