سيد زوار حسين شاه
مون سون برساتن بعد سردي ۾ هاڻ اضافو ٿي رهيو آهي پر انتهائي خطرناڪ صورت حال آهي ، جڏهن ته سماج سڌارڪن بهترين ڪردار دا ڪندي عام ماڻهن بارش متاثرين کي ڪنبل به ڏنا ته سوڙون به ڏنيون آهن ،تنظيم آرائيان پاڪستان ، شهاب فائونڊيشن سنڌ ، هيومن رائيٽس واچ پاڪستان ۽ ٻين بهترين ڪردار ادا ڪيو هاڻ به ڪن پيا جڏهن ته پاڪستان سميت سنڌ م تنظيم آرائيان پاڪستان جي سرپرست اعلي عبدالمجيد آرائين يج حڪم تي بارش متاثر جي تڪليفن کي محسوس ڪندي خاص سردي کي محسوس ڪندي ڪنبل ، سوڙيون ڏيئي ، بهترين ثواب جو ڪم ڪن پيا ، تنظيم آرائيان پاڪستان جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نديم عباس آرائين ٻڌايو ته جڏهن کان بارش پئي آهي ، اسان ان ڏينهن کان هر ماڻهون جيڪو به مستحق آهي ان جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏ گرم ڪپڙا ، سوڙيون ، ڪنبل جيڪٽس شرٽون پن ڏيون پيا جيئن هو مشڪل گهڙي مان نڪري وڃي جڏهن ته سياري سبب سيلاب متاثرن لاءِ سَوَڙَ (ڪمبل) جي ضرورت پوري ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير پي ڊي ايم کي هدايت ڪندي چيو ته سياري کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي گهربل سامان فراهم ڪيو وڃي. جنهن کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير ڪاري موري پهتو جتي برساتن سبب پل ٽٽڻ جو معائنو ڪيو. وڏي وزير چيو ته پل جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. اتان ٿيندي سنڌ جي وڏي وزير ڇنڊاڻ ڊيم تي رهندڙ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ اتي موجود عورتن ۽ بزرگن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وڏي وزير کين ٻڌايو ته سندس حڪومت کين گهر اڏڻ لاءِ پهرين قسط جنوري ۾ جاري ڪري رهي آهي. هڪ عورت پاران راشن ڏيڻ جي درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر کي راشن پهچائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اتان روانو ٿيندي وڏي وزير يو سي ميانداد چنري، يو سي حمل ۽ يو سي ميرپور جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جو فضائي دورو ڪيو ۽ پاڻي نالن مان پمپنگ سسٽم ذريعي نيڪاليءَ جو جائزو ورتو. سنڌ جي وڏي وزير حمل ڍنڍ جو هوائي جائزو ڪيو ۽ پنهنجي موبائل فون تان ضروري تصويرون پڻ ورتيون. فضائي جائزي کانپوءِ وڏو وزير سيوهڻ پهتو ۽ اتي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته وڏي وزير کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار آهي پر ان تي ضرور سوچڻ گهرجي. ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبليون ٽوڙي نٿيون سگهجن، جيڪڏهن ڪو وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو حڪومت سنڀالي نٿو سگهي، يا وٽس اڪثريت ناهي يا ڪنهن وٽ اڪثريت ناهي. پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي ئي ڪو اهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو، آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي ضرور گنجائش آهي پر ائين هرگز ناهي ته وڏو وزير اٿي ۽ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، عمران خان جي چوڻ تي اسيمبليون نه ٽوڙيون وينديون پر جيڪڏهن اهو ڪم ٿيو ته پوءِ انشاءَ الله اليڪشن وڙهنداسين ۽ کٽينداسين. بعد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ آبپاشي وزير ڄام خان شورو قمبر پهتا. سنڌ جي وڏي وزير پاڻي هيٺ زمينن جو دورو ڪيو ۽ مقامي هارين ۽ زميندارن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا. ان موقعي تي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير کي ٻڌايو ته قمبر-شهدادڪوٽ جي مجموعي طور تي 1385197 ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ هئي پر هاڻي رڳو 30509 ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ رهي آهي. وڏي وزير زمينن مان پاڻي جي نيڪال جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ وڏو وزير ايف پي بند جو دورو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي صابو ٻرڙوڳوٺ تي ٻن هنڌن تان شگاف پوڻ سبب پاڻي ڀرجي ويو. سنڌ جي وڏي وزير ايف پي بند جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي سردار خان چانڊيو ساڻس گڏ هو. سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو قمبر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ راڻيپور پهتو ۽ سڀ کان پهرين ايم اين اي پير فضل علي شاهه جي گهر پهچي سندس امڙ جي لاڏاڻ تي تعزيت ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي گهر پهتو جتي سندس آجيان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي سوکڙين سان ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شورو، ايم پي اي منور وساڻ، خاص مددگار پير علي شاهه پڻ موجود هئا. ڪجهه دير ويهڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻئي وزيراعليٰ يوسي شاد شهيد ۽ ڳوٺ ڪاٺوڙ جي دوري لاءِ روانا ٿيا جتي برسات متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا. متاثرن وڏي وزير کي مسئلا ٻڌايا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جنهن به ماڻهو چوپايو مال وڃايو آهي ان جي مدد ڪنداسين، مون کي چڱي ريت خبر آهي ته اوهان ڪيترا ڏکايل آهيو. وڏي وزير ٻوڏ متاثرن کي يقين ڏياريو ته جنوري کان گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏيڻ شروع ڪنداسين. وڏو وزير دائود ڦلپوٽو وٽ پهتو جتي سيوهڻ ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 21 ڄڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. وڏي وزير وارثن کي چيو ته سيوهڻ حادثو انتهائي هانءُ ڏاريندڙ هو جنهن تي مونکي گهڻو افسوس آهي. تعزيت کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي پنج هزار سالن جي تاريخ آهي، صوبي کي ٽوڙڻ وارا پاڻ تباهه ٿي ويندا ۽ سنڌ سلامت رهندي. هن چيو ته ٻوڏ مان نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، هن سال 10 ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون جنهن جي ڪا مثال نه آهي. وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هن اهڙي ٻوڏ ڪڏهن نه ڏٺي، ڪجهه ماڻهو جيڪي ڪٽ (شگاف) بابت غير ضروري ڳالهيون ڪن ٿا، اتي ڪٽ لڳائڻ ضروري هو ته جيئن وڏي آبادي کي بچائي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اعظم سواتي کي اسان ڪنهن جهاز يا هيلي ڪاپٽر تي نه آندو آهي. هن چيو ته سيد قائم علي شاهه آئين جوڙيندڙن مان هڪ آهي، آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي گنجائش آهي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ٽوڙي نٿي سگهي، صوبن جي وڏن وزيرن کي سوچڻو پوندو ۽ ڪافي مسئلن کي ڏسڻو پوندو. راڻي پور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه انڪار ناهي ته ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار آهي، پاڪستان کي هن سنگين بحران مان ڪڍڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن پر ڪجهه ٽولا اهڙا به آهن جيڪي ان صورتحال ۾ به تباهي بابت ڳالهايون ڪن ٿا. آئين وڏي وزير کي اختيار ڏئي ٿو ته هو اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو پر ان جو جواز هجڻ گهرجي، اسيمبليون ڪنهن جي ضد ۽ خواهش جي ڪري ٽوڙيون نه وينديون آهن، جيڪڏهن وڏو وزير سمجهي ٿو ته صوبو بحراني صورتحال جي وَرڙ چڙهيل آهي ۽ ڪنٽرول کان ٻاهر آهي ته پوءِ هو اسيمبلي کي ٽوڙي ٿو سگهي ٻي صورت ۾ جيڪڏهن هو ايوان ۾ اڪثريت وڃائي ويهي يا پاڻ کي ناڪام سمجهن ته پوءِ هو اسيمبلي ٽوڙي سگهن ٿا، اميد آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير سوچي سمجهي فيصلو ڪندا، پنهنجي ناڪامي جو اعتراف نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران نيازي آئيني طريقي سان گهر ڀيڙو ٿيو، هو ايوان ۾ اڪثريت وڃائي چڪو هو، ان جو نه وفاق تي اثر پوندو ۽ نه ئي ڪنهن صوبي تي اثر پوندو. جيئن آئون هتي ويهي پنجاب يا خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي نٿو سگهان تيئن سنڌ اسيمبليءَ بابت به ڪو ٻاهريون نٿو ڳالهائي سگهي . هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان گريڊ هڪ کان چوٿين تائين انٽرويوز ورتا آهن ۽ ان حوالي سان هڪ ڪميٽي به جوڙي آهي ۽ ميرٽ جي بنياد تي چونڊ ڪئي ويندي پر اليڪشن ڪميشن موجب جيستائين چونڊون نه ٿينديون ان وقت تائين اسان کي ڪابه نوڪري ڏيڻ جو اختيار نه آهي ۽ نه ئي اسان کي ڪنهن به قسم جي ترقياتي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي، ايتري قدر جو اسان آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي به نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته گريڊ 5 کان 15 جي حوالي سان عدالت جي حڪم موجب پهريان سندن ٽيسٽ ورتي ويندي. هن چيو ته مڪاني چونڊون جنوري ۾ ٿيڻ واريون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 3 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪا ٽريلين رپيا بڻجي ٿي، سنڌ جي بحاليءَ لاءِ اٽڪل 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، کين بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان عالمي بئنڪ سان عوامي ڪمن جي بحالي، روڊن، آبپاشي نظام، اسڪولن ۽ صحت مرڪزن بابت ڳالهايو آهي ۽ اسان ضرور گهرن جي تعمير لاءِ ماڻهن کي رقم ڏينداسين. هن چيو ته ٽي لک رپيا في گهر قسطن ذريعي ڏنا ويندا.جڏهن ته سنڌ حڪومت ان جي نمائيندن مٿان ڪرپشن جا الزام عائد آهي ، حقيقت ڇا آهي انڪوائري ٿيندي ته خبر پوندي ،










