برساتي پاڻي نه ڪڍڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

برساتي پاڻي نه ڪڍڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

سانگهڙ )رپورٽ نادر بڙدي(ڳوٺ ڪريم بگٽي ۾ هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڳوٺ مان برساتي پاڻ نيڪال نه ٿي سگهيو برساتي پاڻي واپرائڻ سبب چوپايو مال مرڻ لڳو رهواسين پاران ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بااثر پاران برساتي پاڻي ڳوٺن ڏانهن  ڇوڙ ڪرڻ خلاف يوسي ساڌڻو جي ڳوٺاڻن احتجاجي  مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ڪريم بگٽي ترين خان بگٽي قربان علي چانڊيو دريا خان بگٽي مدو خان بگٽي ۽ غلام حسين بگٽي مڊيا کي ٻڌايو ته  سانگهڙ  پيرومل ڀرسان ڳوٺ ڪريم بگٽي  مان گذريل هڪ مهيني کان برساتي  پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي جنهن سبب ڳوٺ ۾ مڇرن جو آزار وڌي  يو آھي ۽ ڳوٺ ۾ موجود  برساتي پاڻي واپرائڻ سبب اسان جي ڳوٺ ۾ چوپايو مال به مري رهيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ مهيني کان پاڻي نيڪالي جي لاء ڊي سي سانگھڙ جي  آفيس جا چڪر لڳائي لڳائي ٿڪي پيا آھيون پر  ڊي سي سانگهڙ هڪ به ٻڌڻ لاء تيار نه آھي نه ئي وري ڳوٺ مان پاڻي نيڪال لاء ڪو علمو آيو آھي ۽ نه وري ڳوٺاڻن کي ڊي سي سانگهڙ توڙي چونڊيل نمائيندن طرفان راشن مليو آھي هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهجي مدد پاڻ تعت ڳوٺ مان پاڻي ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن چيو ته هڪ  بااثر زميندار اسان کي پاڻي ڪڍائڻ نٿو ڏي ۽ ويتر فصلن جو پاڻي اسان جي گهرن فصلن طرف ڇوڙ پيو ڪري جنهن سبب اسانجي زرعي زمين تي بيٺل تيار فصل تباه ٿيڻ ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي هنن ڊي سي سانگهڙ ۽ اعلي اختيارن کان ڳوٺ ۾ بيٺل برساتي  پاڻي نيڪالي جي مطالبو ڪيو آھي ۽ سيلاب متاثرين کي راشن فراهم ڪرڻ جومطالبو ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو