بجيٽ ۾ عوام کي سٺو ريليف پيڪيج ملندو، رانا ثناءُ

بجيٽ ۾ عوام کي سٺو ريليف پيڪيج ملندو، رانا ثناءُ

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو آهي ته اهڙي ڪا به ترميم غور هيٺ ناهي، جنهن ۾ نوجوان نسل کان ووٽ جو حق ڦريو وڃي.فيصل آباد ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام لاءِ سٺو ريليف پيڪيج تيار ٿي رهيو آهي.رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پوري دنيا کي امن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پوري دنيا امن لاءِ هن خطي ڏانهن ڏسي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي، جيڪو 10 ڀاڱا وڏي دشمن کي سبق سيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو