باني پاران پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت تبديل ڪرڻ جي هدايت

باني پاران پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت تبديل ڪرڻ جي هدايت

اسلام باد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ جي باني سنڌ جي پارٽي قيادت تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ جنيد اڪبر کي ملاقات لاءِ اڊيالا جيل گهرايو ۽ کين سنڌ ۾ پارٽي قيادت تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ کي هٽائي سندس جاءِ تي عالمگير خان کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. زريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اها به هدايت ڪئي آهي ته ڪنول شوذب ۽ عاليا حمزه کي سياسي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو