بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا

دبئي(ويب ڊيسڪ)خراب موسم سبب دبئي ايئرپورٽ تي 3 ڏينهن کان ڦاٿل 4 اڳوڻا پاڪستاني ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا. آمريڪا پهچندڙ اڳوڻي رانديگرن ۾ عبدالرزاق، مصباح الحق، عمر گل ۽ ڪامران اڪمل شامل آهن. چارئي اڳوڻا پاڪستاني ڪرڪيٽر جمعي جي شام هوسٽن پهچي ويا آهن جتي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2009 جي فاتح ٽيم کي آمريڪا ۾ سندن اعزاز ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. واضح رهي ته دبئي ۾ برسات سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو هو، جنهن سبب پاڪستان جا اڳوڻا ڪرڪيٽر به ايئرپورٽ تي ڦاٿل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو