دادو(ن سنڌيار) دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب ڪنڊي جي رهواسي عورتن دادو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين ريشما، شاهده ۽ بشيران چيو ته سڱاوتي تڪرار تان ممتاز پنهور وارن هٿيارن سان مسلح ٿي اسان جو چوپايو مال ڪاهي ويا آهن احتجاج ڪندڙ عورتن صحافين اڳيان دانھيندي وڌيڪ چيو ته مخالفن پهريان اسان جي مردن کي گرفتار ڪرائي پوءِ چوپايو مال ڪاهي ويا آهن ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪاروائي نه ٿي ڪري هنن ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جو چوپايو مال واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ،










