دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري جي طبعيت ۾ بهتري اچڻ لڳي آهي.ذريعن موجب آصف زرداري جي ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي ۾ سرجري ڪئي وئي هئي، اڳوڻي صدر جو ڊاڪٽر عاصم حسين به ساڻس گڏ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري سرجري سبب ڪجهه ڏينهن دبئي جي اسپتال ۾ گذاريا ۽ هاڻي سندس طبعيت پهريان کان بهتر آهي.










