ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيد جي موڪلن دوران ڊفينس فيز 8 ۾ رٽائرڊ ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جي فرياد تي گهر مان چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته چوري جي وقت گهر ۾ ڪو به موجود نه هو، جوابدار گهر مان 30 تولا سون، 44 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. وارثن موجب جوابدارن المارين جا تالا به ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته جوابدار سي سي ٽي وي رڪارڊر پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ايس ايس پي ساجد سدوزئي جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.










