اڳوڻو بواءِ فرينڊ ريتڪ جي خوبصورتي سبب عدم تحفظ جو هو

اڳوڻو بواءِ فرينڊ ريتڪ جي خوبصورتي سبب عدم تحفظ جو هو

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) خوبصورت ڀارتي اداڪارا مرونال ٺاڪر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس اڳوڻو بواءِ فرينڊ ريتڪ روشن جي ذاتي خوبصورتي بابت غير محفوظ هو.هڪ تازي انٽرويو ۾، 33 سالن جي ڀارتي بالي ووڊ اداڪارا مرونال ٺاڪر پنهنجي زندگي جو هڪ دلچسپ واقعو شيئر ڪيو ۽ چيو ته منهنجو اڳوڻو پرڏيهي بواءِ فرينڊ ان وقت ريتڪ روشن جي شخصيت ۽ دلڪشي بابت غير محفوظ ٿيڻ لڳو هو.اداڪارا چيو ته هو ايترو متاثر ٿيو جو هن پاڻ کي ريتڪ روشن جي برابر آڻڻ لاءِ سخت ورزش ڪرڻ شروع ڪئي، ايستائين جو 15 کان 17 ڪلوگرام وزن گهٽايو ۽ عضلات ٺاهيا. مون ڪڏهن به پنهنجي پرڏيهي دوست کي وزن گهٽائڻ لاءِ نه چيو، پر ورزش ذريعي جيڪو وزن گهٽايو، اهو بعد ۾ هن واپس حاصل ڪيو.ڳالهه ٻولهه دوران، مرونال ٺاڪر اسٽار اداڪار ڌنش سان پنهنجي شادي جي افواهن کي به رد ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ مصنوعي ذهانت (AI) سان ٺهيل وڊيو ۽ ڪلڪ بيٽ کي خوفناڪ قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو