اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس نشاط ڪمرشل وٽ اڪبر بگٽي جي خاندان ۾ جهيڙو، نواب زادہ فهد بگٽي سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پوليس موجب جهيڙي دوران انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڇيپا ذريعن مير محسن بگٽي، مير عيسيٰ بگٽي، علي بگٽي ۽ ايڌي ذريعن موجب فهد بگٽي ۽ نصيب الله بگٽي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جهيڙي جو اطلاع ملندي ئي ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا ۽ ايس ايس پي سائوٿ ساجد امير سدوزئي وڏي پوليس نفري سان واقعي واري هنڌ پهتا. واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري شاهديون گڏ ڪيون ويون. پوليس اختيارين موجب زخمين کي گاڏين ۾ اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو. جاچ ڪريون پيا ته جهيڙو گاڏين جي ٽڪرائجڻ تان ٿيو آهي يا ڌرين ۾ ڪو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا. هڪ شخص فليٽ ۾ رهائش پذير هو، مخالف گروپ جا ماڻهو آيا، تڪرار بعد فائرنگ ٿي، ٻنهي ڌرين جون گاڏيون هتي بيٺل آهن، فائرنگ ۾ ڳرا هٿيار استعمال ڪيا ويا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي موجب زخمي مير علي حيدر سبي مان چونڊيل ايم اين اي جو ڀاءُ آهي، جهيڙو اڪبر بگٽي جي خاندان ۾ ٿيو. جهيڙيندڙ ڌريون هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿيون. مارجي ويل فهد بگٽي مير احمد نواز بگٽي جو پٽ هو. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي موجب فليٽ تان به تڪرار هلندڙ هو. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گهرو وزير چيو ته امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، جهيڙيندڙ ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته هي پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو