اڏيرو لال بيراج مان نامعلوم عورت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل

اڏيرو لال بيراج مان نامعلوم عورت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل

ٺٽو (ڊ ر )گھوڙاٻاري ويجھو اڏيرو لال بئراج 194 آر ڊي وٽان پاڻي ۾ لڙھندڙ عورت جو لاش مقامي ڳوٺاڻن ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس اڏيرو بئراج  تي پھچي 5 ڏينھن پراڻو ھڪ نامعلوم عورت جو لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مڪلي منتقل ڪري ڇڏيو اھي، پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد عورت جي موت جي خبر پوندي، پوليس موجب عورت جي سڃاڻپ بہ ٿي ناھي سگھي، جنھن جي وارثن جي ڳولا جاري آھي، وارث مليا تہ ٺيڪ نہ تہ عورت جي لاش کي لاوارث ڄاڻائي ايڌي وارن حوالي ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو