اڄ کان مختلف شهرن ۾ شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جو خدشو

اڄ کان مختلف شهرن ۾ شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جو خدشو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ کان 12 جون تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جو خدشو آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. سندھ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پڻ گرمي پد 44 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد 41 کان 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهري صبح جو 10 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين غير ضروري طور تي تيز ڌوپ (اس) ۾ نڪرڻ کان پرهيز ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو