اڄ ملڪي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي: شازيه مري

اڄ ملڪي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي: شازيه مري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير ۽ ترجمان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين شازيه مري چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن ملڪي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي.هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صدر کي ڏنل اختيار اڄ پارليامينٽ کي واپس ڪري ڇڏيا آهن.هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ارڙهين آئيني ترميم ذريعي جمهوريت کي مضبوط ڪيو، اڄ خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي عوام کي سڃاڻپ ملي آهي.شازيه مري جو چوڻ آهي ته آصف زرداري صوبن کي خودمختياري ڏئي وفاق کي مضبوط ڪيو، 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ سمورن يونٽن وچ ۾ معاهدو آهي.وفاقي وزير چيو ته 18هين آئيني ترميم جي نتيجن سبب پارليامينٽ ٽيون ڀيرو پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ بااختيار ٿي وئي ته ٻاهرين مداخلت ختم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو