سکر (ن س )اڄ سنڌو درياءَ ۾ تمام گهڻي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.سنڌو درياءَ جي گڊو بئراج تي پنجاب کان ٻوڏ جو پاڻي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ڪري ڪشمور جا ڪچي علائقا خطري هيٺ آهن. ڪوٽ مٺڻ تي پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڪچي مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، انتظاميا هڪ ڀيرو ٻيهر علائقي جي رهواسين کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ان دوران کيرٿر ۾ برساتن سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ آئي آهي. صوبائي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪو به بند نه ٽٽندو، حڪومت سپر فلڊ لاءِ تياري ڪئي آهي، انتظام مڪمل آهن، جڏهن ته 1.5 کان 2 لک آبادي متاثر ٿي سگهي ٿي.
دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ اخراج بابت ڊيٽا جاري
صوبائي برسات ۽ ٻوڏ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ اخراج بابت ڊيٽا جاري ڪيو آهي.گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 425,000 ۽ اخراج 416,763 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 352,000 ۽ اخراج 329,310 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 235,243 ڪيوسڪ جڏهن ته اخراج 231,763 ڪيوسڪ هو.ان دوران، پنجند بئراج تي پاڻي جي آمد ۽ اخراج 524,765 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته تريمو بئراج تي پاڻي جي آمد ۽ اخراج 531,993 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.










