اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پوليس موجب لال مسجد جي اڳوڻي خطيب جي زال سميت 40 شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن تي دهشتگردي سميت مختلف الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لوئي ڀير ٿاڻي تي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي سيڪشن 11-X تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پي پي سي جي سيڪشن 148، 149، 353، 186، 341، 440، 188، 506 (ii) ۽ 427 شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جامعه حفصه جي اڳوڻي خطيب جي گهرواري اُمِ حَسان جي اڳواڻي ۾ هٿياربند ماڻهن سان گڏ بحريا ٽائون فيز 4 پهچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. هنن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين الزام هنيو ته آس پاس ۾ غير اخلاقي سرگرميون وڌي ويون آهن، پوليس ۽ انتظاميه جي سهڪار سان فحش سرگرميون ٿي رهيون آهن. هنن زبردستي تجارتي مرڪز ۽ دڪان بند ڪرايا، واپارين کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون. اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ۽ مظاهرين کي ٻڌايو ته قلم 144 لقاڳو آهي جنهن تي هجوم مڇرجي پوليس تي لٺين سان حملو ڪيو ۽ پوليس جي گاڏي کي نقصان پهچايو.










