اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ بهترين خبر سامهون اچي وئي آهي ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پنهنجو 5 سالن جو خصوصي معاشي منصوبو جاري ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 2026 کان 2030 جي نئين ڪنٽري اسٽريٽيچي جاري ڪري ڇڏي آهي. انهي حوالي سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي تي زور ڏيندي 5 ساله منصوبو پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي.اسٽريٽيجي پيپر ۾ روزگار، سرمائيڪاري ۽ برآمدات وڌائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عورتن جي معاشي شموليت ۽ سماجي ترقي کي اوليت ڏني وئي آهي. انهي منصوبي ۾ موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم به شامل آهن.هوڏانهن منصوبي جي تحت توانائي، زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ سرمائيڪاري ۾ اضافو ڪيو ويندو. اي ڊي بي پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته جيئن ملڪ کي مستحڪم ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي.










